صعدي بن خريمه

صعدي بن خريمه: حجاج بن يوسف جي حڪم موجب جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي حملي لاءِ سنڌ جي حدن اندر داخل ٿيو تڏهن سڀ کان پهرين محمد بن قاسم ديبل تي حملو ڪرڻ جي تياري ڪئي. بن خريمه'>صعدي بن خريمه وڏو بهادر ۽ جنگي فن جو ماهر هو، جڏهن محمد بن قاسم کي حڪم ڏنو ته ديبل جي قلعي تي حملو ڪيو وڃي تڏهن منجنيق وسيلي قلعي تي وڏن پٿرن جو وسڪارو ڪرڻ شروع ڪيائون. بن خريمه'>صعدي بن خريمه سڄي لشڪر کي ديبل جي قلعي جي چؤڌاري بيهاري قلعي تي تيرن جو وسڪارو ڪرايو، چچ نامي موجب سڀ کان پهرين جيڪو ماڻهو ديبل جي قلعي تي چڙهيو هو سو بن خريمه'>صعدي بن خريمه هو ۽ هو ڪوفي جو رهاڪو هو. ‘فتوح البلدان’ ۾ بلاذري لکي ٿو ته “ديبل جي قلعي تي جيڪو پهريون ماڻهو چڙهيو هو سو ڪوفي جو رهاڪو ۽ ‘بنو مراد’ قبيلي سان تعلق رکندڙ هو.” بلاذري پنهنجي ڪتاب ۾ هن جو نالو ڪو نه ڄاڻايو آهي، پر ‘چچ نامه’ ۾ واضح بن خريمه'>صعدي بن خريمه جو نالو ڄاڻايل آهي. بن خريمه'>صعدي بن خريمه جڏهن قلعي تي چڙهي ويو تڏهن سندس پويان ٻيا به چڙهندا ويا. جڏهن محمد بن قاسم جو لشڪر قلعي مٿان چڙهي ويو تڏهن ديبل جي قلعي ۾ رهندڙن قلعي جا دروازا کولي امان گهري، پر محمد بن قاسم امان نه ڏني ۽ ٽن ڏينهن تائين ديبل جي رهاڪن جو قتل عام ٿيندو رهيو. بن خريمه'>صعدي بن خريمه جي همت کي محمد بن قاسم ساراهيندي عهدي ۾ ترقي ۽ انعام ڏنا. ديبل جي قلعي فتح ڪرڻ کانپوءِ جڏهن محمد بن قاسم قلعي ۾ اندر داخل ٿيو تڏهن سندس حڪم تي باقي رهيل مردن کي به قتل ڪيو ويو، مال غنيمت ۾ ست سؤ سهڻيون ڇوڪريون مِلين، جن کي ڪيترائي قيمتي سونا زيور پاتل هئا، جيڪي محمد بن قاسم جي لشڪر زوريءَ لهرائي پاڻ وٽ رکيا.


لفظ صعدي بن خريمهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو